پير صدرالدين

پير صدرالدين: پير صدرالدين، سومرن جي آخري ۽ سمن جي اوائلي دؤر جـو اسمـاعيـلـي سـلسلـي جـو صـوفـي درويـش ۽ وڏو داعـي ٿـي گذريو آهي. پير صدرالدين جي ڪلام جي تفصيلي مطالعي ۽ گنانن جي اڀياس مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس ولادت قديم سنڌ ۾ ٿي هئي. سندس شجرو، ملتان ۾ قائم درگاهه شير علي اڪبر جي گنبذ جي چوڌاري، ٻاهرئين پاسي ڪاشيءَ جي سرن تي لکيل آهي، جو هن ريت آهي: ”پير صدرالدين بن پير صاحب الدين عرف شهاب الدين بن پير نصيرالدين بن پير شمس الدين سبزواري ملتاني بن پير صلاح الدين بن پير صالح الدين عرف محمد نور بخش بن پير علي سلام الدين عرف اسلام شاهه بن پير عبدالمؤمن عرف مشتاق شاهه بن پيـر عـلي خـالـق الـديـن شـاهه بـن پيـر محـب الـديـن بن پيـر محمـود بن پير محمد معصوم بن پير هاشم شاهه بن پير احمد هادي عرف مستنصر بالله بن پير عبدالمجيد شاهه بن پير غالب الدين عرف غالب شاهه بن پير محمد منصور بن پير امام الدين عرف اسماعيل شاهه (ثاني) بن پير محمد نور الـدين شاهه بن پير امير احمد شاهه عرف امام جعفر الصادق عليه السلام.“
پير صاحب جي ولادت لاءِ ڌار ڌار رايا ملن ٿا. گلزار شمس تبريزيءَ مطابق سندس ولادت 2 ربيع الاول 650 هه/ 13 مئي 1252ع تي سومر جي ڏيـنهـن ٿي. ’تـواريخ پـيـر‘ جـو حـوالـو ڏيـندي، لاکاڻـي صـاحـب به ساڳيو سال يعني 650 هه/ 1252ع ٻڌايو آهي. جڏهن ته علي محمد چنارا، 2 ربيع الاول 700 هه/ 1300ع ۽ ڊاڪٽر آئيونوف، هڪ شجري جي آڌار تي 689هه /1290ع بيان ڪيو آهي. آئيونوف جو رايو وڌيڪ وزندار لڳي ٿو. پير صدرالدين جي وفات جو سن 1409ع ٻڌايو وڃي ٿو.
پير صدرالدين کي سيد الشهداءِ، حاجي بابا، صدر شاهه، پير سلامت، ستگر، سئو ڏيو، مخدوم ٻارهه گُر ۽ گُر هريش چندر کان سواءِ سيد صدرالدين جيبي، وصي محمد ۽ حاجي صدر شاهه پڻ سڏيو ويندو آهي. سندس اصل نالو محمد صدر الدين هو. شجاع الملڪ موجب کيس سيد محمود ثاني به چيو ويندو هو. جيئن ته پير صاحب ڪيترائي حج ڪيا هئا، تنهنڪري کيس حاجي صدرالدين پڻ سڏيو ويندو هو. هن ٻارهن قبيلن کي اسلام ۾ اسماعيلي فرقي جي عقيدي تي آندو هو، ان ڪري کيس ’ٻارهه گر‘ به سڏيو ويو آهي. پير صدرالدين کي اسماعيلي عقيدي جي ٽيهين امام، سيدنا اسلام شاهه (740 هه/1339 ع-827 هه/ 1423ع) سنڌ ۽ هند ۾ اسماعيلي دعوت پکيڙڻ لاءِ پير مقرر ڪيو هو ۽ اهڙيءَ طرح هن پنهنجي پڙ ڏاڏي پير شمس سبزواريءَ ملتانيءَ جي دعوت جي ڪم کي اڳتي وڌايو. جڏهن ته هو ساڻس گڏجي سنڌ، پنجاب ۽ راجسٿان جي سفر تي به ويو. سندس والد پير شهاب الدين جي وفات کان پوءِ کيس پير يعني ’داعي‘ مقرر ڪيو ويو. سنڌ، ملتان، ڪشمير، پنجاب، راجسٿان ۽ گجرات کان سواءِ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ به دعوت عام ڪيائين. ان وقت ۾ پهرين سومرن ۽ پوءِ سمن (752هه/1351ع) حڪومت جون واڳون سنڀاليون هيون.
پير صدرالدين قرآن پاڪ ۽ حديث شريف کان سواءِ هندومت جي ويدن ۽ ويدانيت جو به مطالعو ڪيو هو. سندس دعوت جو مرڪز اُچ شريف هو، پر ملتان کان وٺي هيٺ سڄو سرائڪي خطو، سنڌ، گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ راجسٿان ۾ به سندس اثر رهيو. پير صاحب سنڌي، ڪڇي، گجراتي، هندي، پوربي ۽ ٻين ٻولين ۾ گنان چيا آهن. پير صاحب نو مسلم خواجن کي ديني تعليم ڏيڻ لاءِ هڪ رٿا ٺاهي ۽ لوهاڻڪي سنڌي رسم الخط ۾ تبديلي آڻي، ان جو نالو ’چاليهه اکري‘ رکيائين، جيڪا خواجڪي سنڌي رسم الخط جي نالي سان اڄ به رائج آهي. ان حوالي سان کيس خواجڪي سنڌيرسم الخط‘ جو باني سڏي سگهجي ٿو. پير صاحب علم ادب جو وڏو سرمايو ڇڏيو، جنهن جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي:
(1) ٻوجهه نرنجن (خدا جي ڄاڻ ۽ ان سان واقفيت ):هن ڪتاب ۾ الاهي جوت جي ڳولا ڪرڻ وارن لاءِ واٽن ۽ معنائن جو ذڪر آهي، جنهن ۾ اسلامي تصوف ۽ هندي تصوف جي اصطلاحن کي ڪم آندو ويو آهي. گنانن جو هي مجموعو تصوف ۽ معرفت جي موضوع تي آهي.
(2) آراڌ (پوڄا يا عبادت ):هيءُ مسودو نثر ۾ آهي. شروع ۾ حمد باري تعاليٰ آهي، ان کان پوءِ حضرتٰ علي عليه السلام جي شان مدح ڏنل آهي.
(3) ونود (سچي راحت يا خوشي ):هن ڪتابڙي ۾ 22 گنان آهن، جن ۾ خدا جي ثنا ۽ حضرت علي عليه السلام جو شان ۾ بيان ڪيل آهي.
(4) اٿرويد: هندن جي چئن ويدن مان آخري ”اٿر ويد“ جي هڪ سمجهاڻي بيان ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ خاص طور نڪلنڪ جي رسم به آهي. هي نثر ۾ يارهن پاٺن تي مشتمل آهي.
(5) گر ڀاولي ننڍي (ڳجهه ):هي ڪتاب دنيا ۽ ان جي موجودات بابت سوالن جوابن ۾، نثر ۾ آهي. ان ۾ ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جي افزائش بابت بيان آهي.
(6) صورت سماچار (صورت بابت ڄاڻ يا سمجهاڻي ):هي ڪتاب نثر ۾ آهي.
(7) گنان: سندن 250 کان وڌيڪ گنان ملن ٿا، جيڪي اخلاق، نيڪي، بندگي، مذهبي حقن جي پوئواريءَ ۽ مذهبي وارتائن تي مشتمل آهن. سندس گنانن ۾ سولائيءَ خاطر سنڌي، هندي، سنسڪرت، سرائڪي، پنجابي ۽ گجراتي ٻولين جي آميزش ڪئي وئي آهي.


لفظ پير صدرالدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1290.00.00  عيسوي

پير صدرالدين 689هه /1290ع ڌاري پيدا ٿيو


1409.00.00  عيسوي

پير صدرالدين جي وفات جو سن 1409ع ٻڌايو وڃي ٿو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چاڪر خان سهرياڻي
سرائي علي گوهر خان
رند هارون
تغلق غياث الدين بلبن
حڪيم حاجي محمد حسين شيخ
سيد پير محمد شاهه
حبيب الله صديقي ڊاڪٽر
استاد مجاهد چانڊيو
سيد حاجي محمد حافظ شاهه
آزر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون